اياز گاد

اياز گاد

اياز گاد

اياز گاد: مشھور آرڪيٽيڪٽ، مصور، ڪمپيئر ۽ اداڪار اياز گاد جو اصل نالو اياز احمد ولد علي محمد گاد آهي. سندس جنم 05 اپريل 1961ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. هن انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ آرڪيٽيڪچر جي بيچلر ڊگري دائود ڪاليج آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي مان 85-1984ع ۾ حاصل ڪئي.1986ع کان ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اداري ۾ سينئر آرڪيٽيڪٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ ڪاليج ۾ پڙهڻ (1980ع کان 1985ع) دوران ريڊئي پاڪستان ڪراچي ۽ خيرپور تان ڪيترن ئي ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي اسٽيج شو ”فروزان“ کان سندس فني سفر جي شروعات ٿي. ان کانپوءِ مزاحيه پروگرام ”گلتي ماف“ ۾ آرٽسٽ طور متعارف ٿيو. ان کان علاوه حالاتِ حاضره جي پروگرامن: ”حال احوال“ ۽ ”واءُ سواءُ“ (1988ع کان 1991ع) ۾ اسڪرپٽ رائيٽر ۽ راوي طور ڪم ڪيو. ٻارڙن جي مشھور پروگرام ”روشن تارا“ (1990ع کان 1991ع) ۾ ٻارن کي تجرباتي سائنس ۽ ڊرائنگ سيکاري. زرعي ڄاڻ تي مبني مشھور پروگرام ”آبادگار“ (1992ع کان 2004ع) ۽ ”کٽڻھار“ (لائيو شو 2005ع کان 2006ع) ۾ ڪمپيئر، اردو پروگرام ”سرسبز پاڪستان“ (2001ع) ۾ ڪمپيئر ۽ سحري لائيو ٽرانسميشن جي پروگرام ’انعام رمضان‘ ۾ ڪمپيئر ۽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. پي ٽي وي نئشنل تي پاڪستان ٽائيم (لائيو شو 2007ع کان 2008ع) ۾ سنڌي ۽ اردو پروگرامن ۾ ميزبان طور ڪم ڪيو. ڪي. ٽي. اين جي پروگرام ”شاهه جي ساڃاهه“ ۾ ڪمپيئر ۽ ڊائريڪٽر جڏهن ته ڊرامن بابت معلوماتي پروگرام ”آن دي سيٽ“ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏنيون. سنڌ ٽي. وي تي زرعي پروگرام ”اتم کيتي“ (2006ع کان 2009ع) ۽ شاهه لطيف شناسيءَ جي پروگرام ”جئي لطيف“ (2011ع) ۾ ڪمپيئر ۽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ”سحري لائيو انعام“ (2012ع) ۾ به ڪمپيئر رهيو. کيس سير تفريح جو شوق رهيو آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڃي اتان جا منظر ڪئمرا ۾ محفوظ ڪندو رهيو آهي. ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس گڏ ڪيل سنڌ جا خوبصورت منظر، عيد ڪارڊ، ٽائيٽل، ڪھاڻيون ۽ مضمون ڇپيل آهن. پي. ٽي. وي جي ڊراما سيريل ”هٿين گل ميندي“ ۽ سنڌ ٽي. وي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ تخليقي اداڪار طور پنھنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. اياز گاد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي شاخ جو سرگرم ڪارڪن به آهي. ان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ سان به وابسته آهي، جنھن جو ٽي ڀيرا ايگزيڪيوٽو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو آڊيٽر رهي چڪو آهي. مختلف ادارن پاران بھترين ڪارڪردگي تي کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، جن ۾: انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سينٽر، ڪيمبرج، انگلنڊ پاران 1995ع ۾ ”مين آف اچيومينٽ اوارڊ“، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي پاران 2003ع ۾ ”بيسٽ ڪمپيئر اوارڊ“، پاڪستان آرٽس ڪائونسل پاران 2004ع ۾ ”آئوٽ اسٽينڊنگ اوارڊ“، سگا ڪراچي پاران ”آئوٽ اسٽينڊنگ پرفارمنس اوارڊ“، پاڪستان ميڊيا مارڪيٽنگ گروپ ۽ روسٽم نيوز ايجنسي پاران 2015ع ۾ ”آبادگار“ پروگرام تي اوارڊ، ينگ سنڌ اوارڊ 2018ع ۽ موهن جو دڙو پراڊڪشن پاران 2021ع ۾ بھترين ڪمپيئرنگ جو اوارڊ شامل آهن


لفظ اياز گادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.04.05  عيسوي

مشھور آرڪيٽيڪٽ، مصور، ڪمپيئر ۽ اداڪار اياز گاد جو اصل نالو اياز احمد ولد علي محمد گاد آهي. سندس جنم 05 اپريل 1961ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي
خواجه ناظم الدين
رضوي سيد مير علي
ٻيڙيءَ وارو سنت
خواجائي شوڪت
خان خانان بيرام خان
عبدالرحمان جسڪاڻي ڊاڪٽر
رضا رباني
ممتاز بخاري
حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون